جاچ ادري جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڇو داخل ٿيڻ ڏنو ويو؟: اسپيڪر جو نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دعا ڀٽو خلاف جاچ جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي گهرائڻ وارو عمل پي ٽي آءِ کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪاوڙ ظاهر ڪئي آهي ۽ پُڇيو آهي ته جاچ ادري جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڇو داخل ٿيڻ ڏنو ويو؟ اسپيڪر آغا سراج دُراني پُڇيو آهي ته دعا ڀٽو ۽ حليم عادل شيخ جاچ ٽيم جي آفيسرز کي ڪنهن جي اجازت سان اسيمبلي گهرايو؟ اهڙي عمل خلاف سنڌ اسيمبلي جي ضابطن پٽاندڙ سخت ايڪشن کنيو ويندو، جِن ميمبرز ايف آءِ اي ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو، اُنهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري پُڇاڻو ڪيو ويندو. آغا سراج دُراني چيو آهي ته جاچ آفيسرز کي اسيمبلي گهرائڻ کان اڳ نه اسپيڪر کان اجازت ورتي وئي ۽ نه ئي وري ڄاڻ ڏني وئي، ڪنهن به جاچ اداري جا آفيسرز ڪنهن ميمبرز خلاف جاچ جي سلسلي ۾ اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ اسيمبلي نٿا اچي سگهن. پ پ سينيٽر روبينا خالد ايف آءِ اي کي شڪايت ڪئي هئي ته دعا ڀٽو جعلي آءِ ڊيز تي سندس ڪردار ڪُشي ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ ايم پي اي ايف آءِ اي جي ٽيم آڏو پيش ٿيڻ بدران جاچ آفيسرز کي سنڌاسيمبلي گهرايو، جتي هُن 20 جعلي آءِ ڊيز واري مامري تي بيان رڪارڊ ڪرايو. اُن وقت پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ به موجود هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *