نبيل گبول جي پرويز مشرف سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر نبيل گبول ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪري موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نبيل گبول، پرويز مشرف سان ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب نبيل گبول سياسي مستقبل جي حوالي سان پڻ پرويز مشرف سان صلاح مشورا ڪيا. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اڄوڪي  ڏينهن ۾ نبيل گبول دبئي روانو ٿيندو جتي هـُو پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو. مشرف جي ويجهو ذريعن موجب نبيل گبول ملاقات دوران حڪومت خلاف ٺهندڙ نئين سياسي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بابت پڻ ڳالهيون ڪيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *