وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ لٿل ڪڻڪ نقد خريد ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي: تحريڪ انصاف جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وفاقي حڪومت کان سڄي ملڪ ۾ لهندڙ ڪڻڪ نقد رقم تي خريد ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ هارين جي محنت ۽ الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان ڪڻڪ جو شاندار فصل لهي ويو آهي. وفاقي حڪومت وقت وڃائڻ بدران ترت ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. اسلام آباد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان جو چوڻ آهي ته شهرين جي غذا تائين پهچ يقيني بنائڻ حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. پاڪستاني جي معيشت ۾ زراعت بنيادي حيثيت رکي ٿي، جيتوڻيڪ حڪومت ڪڻڪ جي شاندار فصل جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۽ پورهيت هارين کي انهن جي محنت جو ڦل ڏيڻ لاءِ ڪڻڪ کي سرڪاري طور تي نقد خريد ڪري ۽ فصل جي خريداري سان گڏ ئي رقم ادا ڪري. هن چيو ته نهايت مهانگا زرعي خرچ ۽ بجلي بحران ڪري پاڪستان ۾ پوکي ۽ زراعت مسلسل ڏکيائين جو شڪار آهي جنهن جي ازالي لاءِ حڪومت اڃا تائين ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آهن. هن چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسي سبب وونئڻ ۽ سارين جو فصل مسلسل لاٿ جو شڪار آهي هن چيو ته جيڪڏهن هاري پنهنجن حقن لاءِ اٿن ٿا ته تحريڪ انصاف انهن سان گڏ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *