راندين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ميدان آباد ڪيا پيا وڃن: ڊي جي ڪي ڊي اي

 

ڪراچي( اسپورٽس نيوز) گذريل ڏينهن نيو ناظم آباد ۾ قائم اسٽيڊيم ۾ سنڌ ويٽرنز ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏيو ويو. فائنل مئچ ۾ حبيب بئنڪ ۽ فرينڊز وي ٽي اين وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو. فرينڊز وي ٽي اين پهرئين بيٽنگ ڪندي حبيب بئنڪ کي  195 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن جو تعاقب ڪندي حبيب بئنڪ جي سموري ٽيم 179 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. فاتح ٽيم جي نوجوان رانديگرن کي ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي سميع الدين صديقي مبارڪ ڏيندي چيو ته  راندين کي فروغ ڏيڻ لاءِ  شهر ۾ مرحلي وار راندين جا ميدان آباد ڪيا پيا وڃن، جلد ئي ڪي ڊي اي اسپورٽس لائبريري جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهنسان نوجوان نسل کي راندين جي سرگرمين ۾ سهولتون فراهم ٿي سگهنديون. سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت هن وقت تائين 80 کان وڌيڪ راندين جي ميدانن کي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته نوجوانن کي هاڪي ۽ ڪرڪيٽ سميت مختلف راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *