آسٽريليا پاڪستان جو دورو پي ايس ايل فائنل سان مشروط ڪري ڇڏيو

 

سڊني( اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان دورو پي ايس ايل جي لاهور ۽ ڪراچي جي ميچن سان مشروط ڪري شيڊول ۾ به ترميم ڪئي وئي آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سيڪيورٽي ٽيم ۽ ٻه کان ٽي آفيشلز مارچ جي پهرئين هفتي ۾ پي سي بي جا مهمان بڻجندا جيڪا 17 مارچ تي پي ايس ايل جي  فائنل سميت سموري سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ ڏيندا، جنهن جي روشني ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ ان جي حڪومت سمورن معاملن کي فائنل ڪندي.ڪرڪيٽ آسٽريليا اختياريون ٽيم پاڪستان موڪلڻ جو اشارو ڏئي چڪي آهي جڏهن ته حتمي فيصلو ڪرڻ کان اڳ سيڪيورٽي حالتن جي تسلي ۽ وقت وٺڻ چاهين ٿا، ان لاءِ ميچون به ري شيڊول ڪيون پيون وڃن.پروگرام موجب پهريان 19 مارچ کان شروع ٿيڻو هو جڏهن ته پي سي بي جي خواهش هئي ته آسٽريلوي ٽيم ڪراچي لينڊ ڪري ۽ 19 ۽ 21 مارچ تي هتي ميچون کيڏي پر هاڻ هڪ پي سي بي آفيشل شيڊول ۾ ترميم کانپوءِ ان سيريز کي 31 مارچ کان کيڏڻ جي تصديق ڪئي آهي.اطلاعن موجب پهريان انڊين پريميئر ليگ سبب اها سيريز 31 مارچ تائين پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، انڊين پريميئر ليگ جي پهرئين ميچ 29 مارچ کان ٿيندي جڏهن ته هاڻ ڪرڪيٽ آسٽريليا آءِ پي ايل سان ٻه طرفي سيريز کي وڌيڪ اهم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي هاڻ 5 ونڊي ميچن لاءِ 31 مارچ کان 13 اپريل تائين جو وقت آئيڊيل سمجهيو پيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *