مڃيل اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي: اين هيٿ وي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آسکر ايوارڊ يافته اداڪاره اين هيٿ وي چيو آهي ته انڊسٽري جي مڃيل اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪاره اين هيٿ وي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سينئر اداڪارن مان اداڪار رابرٽ ڊي نيرو سان گڏ ڪم ڪري ڏاڍو لطف آيو. 32 سالا اين هيٿ وي جيڪا فلم ”دي انٽرن“ ۾ ڪم ڪري رهي آهي مطابق انهي چيو ته جڏهن کيس رابرٽ ڊي نيرو سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پيشڪش ٿي ته کيس يقين نه پئي آيو ته هوءَ ايتري خوش قسمت آهي. هن چيو ته مڃيل اداڪارن خاص طور تي جن کي هوءَ پسند ڪري ٿي انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اداڪاراڻين صلاحيتن جو عمر سان ڪو به تعلق ناهي. اداڪاره ايملي بلنٽ سان گڏ ڪم ڪندي مان هر روز حيرت ۾ اچي ويندي هيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *