ويٽ لفٽر طلحا طالب ڪامن ويلٿ يوٿ گيمز ۾ چاندي جو ٻلو کٽي ورتو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ويٽ لفٽر طلحا طالب ڪامن ويلٿ يوٿ گيمز ۾ چاندي جو ٻلو حاصل ڪري ورتو آهي، پاڪستان ويٽ لفٽنگ فيڊريشن جي صدر ميان محمد اسلم نوجوان رانديگر کي ٻلو کٽڻ تي م

بارڪون پيش ڪيون آهن، تفصيل موجب سمويا ۾ جاري ڪامن ويلٿ يوٿ گيمز ۾ پاڪستاني ويٽ لفٽر طلحا طالب 55 ڪلوگرام ڪيٽرگري جي مقابلن ۾ چاندي جو ٻلو حاصل ڪري ورتو، پاڪستاني جٿي جي دي چيف مشن ۽ پاڪستان ويٽ لفٽنگ فيڊريشن جي نائب صدر محمد راشد ملڪ ٻڌايو ته پاڪستاني رانديگر ڪامن ويلٿ يوٿ گيمز جي چئن مقابلن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، جن ۾ اسڪوائش، ويٽ لفٽنگ، باڪسنگ ۽ ٽينس شامل آهن، اهي گيمز 12 سيپٽمبر تائين جاري رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *