مون مني ٽريل ڏئي ڇڏي، هنن اڃا هڪ بئنڪ ٽرانزيڪشن ناهي ڏني: عمران خان

اسلام آباد (ويب ديسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به اهڙيون حالتون خراب نه هيون، لاهور جو ڪيڏو وڏو حادثو ٿيو ۽ وزيراعظم پرڏيهه پاڻ دعوت وٺي هليو ويو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ حالتون خراب ٿي رهيون آهن، معيشت تباهه ٿي رهي آهي، پوري قوم سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪندس ته فيصلي ۾ جلدي ڪري، سڄي حڪومت وزيراعظم نواز شريف جي ڪرپشن بچائڻ ۾ لڳي پئي آهي، صفائي پيش ڪرڻ بدران چيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ ٻيا سڀ به ڪرپٽ آهن، پاڪستان تباهه ٿي رهيو آهي مني لانڊنگ سان، هتان جو پئسو غير قانوني طور ٻاهر اماڻيو پيو وڃي، هن چيو ته مون سان گڏ کيڏڻ وارن جا به لنڊن ۾ فليٽ آهن، مان 24 سالن جي عمر کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو هيس، مون فليٽ بابت سموريون بئنڪ ٽرانزيڪشنز ڏيکاري ڇڏيون آهن، فليٽ وٺڻ جي مني ٽريل جيڪا ناممڪن هئي، اها به عدالت کي ڏيکاري ڇڏي، عمران خان چيو ته انهن عدالت ۾ اڃا تائين هڪ بئنڪ ٽرانزيڪشن ناهي ڏيکاري، انهن جيڪي دستاويز ڏنا، اهي فراڊ نڪتا، اسحاق ڊار جا دبئي ۾ ڏيڍ ڏيڍ ارب رپين جا گهر آهن، اهي سڄي قوم جا ڏوهاري آهن، اهي واقعي گاڊ فادر آهن، ڪنهن جمهوريت ۾ ڪڏهن ٻڌو، ڪنهن ملڪ جو وزيراعظم اقامو وٺي ٻئي ملڪ جو سيلز مئنيجر بڻيو هجي، ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي انهن جون نسون ڦاٽي رهيون هونديون آهن، انهن سڀني جو ڪم هڪ ٻئي کي بچائڻ هوندو آهي، هن چيو ته ايفيڊرين ڪيس ۾ پڪڙيل شخص منهنجي مٿان ڪيس ڪيو، جيڪڏهن مان نااهل ٿيس ته اها تمام ننڍي قيمت هوندي، ن ليگ ۾ شايد ئي ڪو شخص هجي، جيڪو هڪ نمبر آهي، هن چيو ته ارستو بڻيل انهن جو هڪ وزير وڏيون معتبر ڳالهيون ڪندو آهي، اهو به هڪ ملڪ جو اقامو وٺيون ويٺو آهي، مون کي خبر آهي، ججن تي وڏو پريشر هوندو، هن وقت پيپلز پارٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي، ڪو به سڌي رستي تي اچي وڃي ته ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي، هن وقت خورشيد شاهه ۽ پيپلز پارٽي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽي فرينڊلي اپوزيشن تان هٽي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *