آصف زرداري ۽ مشرف حڪومت جو به احتساب ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي، پاناما ڪيس جي ٻين 450 ڪردارن کي به ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هن چيو ته آصف زرداري ۽ مشرف حڪومت جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اين آر او جي وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوئڻ وارن کي به پڪڙيو وڃي، سراج الحق چيو ته پاناما ڪيس فيصلي ۾ دير سان ملڪ جو ڪاروبار رڪيل آهي، پاڪستان جو 200 ارب ڊالر کان وڌيڪ پئسو پرڏيهي بئنڪن ۾ پيو آهي، پاڪستان تي 73 ارب ڊالر جا پرڏيهي قرض آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *