موقعو مليو ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ تعليمي ادارن جو ڄار وچايو ويندو: الطاف حسين

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته اسان ماضي ۾ به سنڌ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇايو هو ۽ جيڪڏهن آئنده به اسان کي موقعو مليو ته اسان سڄي سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي ووڪيشنل سينٽرن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين، اسان سنڌ ئي نه پر بلوچستان، خيبرپختونخواهھ، هزاري وال ۽ گلگت بلتستان جي محروم علائقن ۾ به تعليمي ادارا قائم ڪنداسين، اسان جي ڪوشش ۽ جدوجهد اها آهي ته ملڪ ۾ تعليم عام  هڪ جهڙو تعليمي نظام رائج ٿئي. اها ڳالھ هن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھه ٻولهھ ڪندي ڪئي. الطاف حسين سڀني شعبن جي ميمبرن کي حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ جي مبارڪباد به پيش ڪئي. حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جو قيام اتان جي شهرين جي ڪيترن ئي سالن کان خواهش هئي ۽ آخر ڪار ان جو سنگ بنياد رکجي ويو آهي. جنهن کي ڏسي ڪري حيدرآباد جا بزرگ ، امڙيون ، ڀينرون ۽ شاگرد وڏا خوش آهن. انهن حيدرآباد جي عوام کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته سنگ بنياد رکڻ جو ڏينهن منهنجي لاءِ وڏي خوشي جو ڏينهن هو ڇو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي منهنجو ڪيترن ئي سالن کان خواب هو. هن چيوته مون کي يقين آهي ته حيدرآباد جا شاگرد تعليم جي معيار کي بهتر کان بهتر بڻائيندا. هن يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ملڪ رياض کي به خصوصي طور تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعا به ڪئي.هن چيوته خدا ڪري ڪراچي ۾ به جلد يونيورسٽي قائم ٿئي. هن چيو ته الله تعالٰي اسان کي تورڙو به موقعو ۽ اختيار ڏنو ته اسان سنڌ ئي نه پر بلوچستان، خيبرپختونخواھ، هزاري وال ۽ گلگت بلتستان جي محروم علائقن ۾ به تعليمي ادارا قائم ڪنداسين. اسان جي ڪوشش ۽ جدوجهد اها آهي ته ملڪ ۾ تعليم عام ۽ آسان ٿي وڃي. هڪ جهڙو نظام تعليم رائج ٿئي، جيڪڏهن اهڙو ٿي ويو ته ملڪ ترقي ڏانهن نه صرف وڌنڌو پر ڊوڙندو.الطاف حسين ان موقعي تي سانحه شڪارپور جي شهيدن جي لاءِ دعا به ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *