داعش پاڪستان لاءِ ڪو مسئلو ناهي، نه ئي دولتِ اسلاميه وڏو خطرو آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته داعش پاڪستان جي حوالي سان اهم مسئلو نه آهي نه ئي دولتِ اسلاميه وڏو خطرو آهي، اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن جي ڪري داعش ڪو ئي وڏو مسئلو نه بڻجندو. خانگي ٽي وي مطابق سرتاج عزيز چيو ته داعش وڏو خطرو ناهي ۽ هي پاڪستان جي حوالي سان اهم مسئلو ناهي. اميد آهي اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ آپريشن جي ڪري داعش ڪو وڏو مسئلو نه بڻجندو. هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي جيڪڏهن صورتحال اهڙي طرح صحيح رهي ته داعش ڪو وڏو مسئلو نه بڻجي سگهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *