مهاجرن جي حقن ۽ کين سندن جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري پساهه تائين ڪندو رهندس: الطاف حسين

لنڊن (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته مان پنهنجي ماءُ خورشيد بيگم ولدحافظ حاجي رحيم بخش قادري جو قسم کائي چوان ٿو ته مان مهاجرن کي سندن جائز حق ڏيارڻ ۽ کين انهن جو جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري پساهه تائين ڪندو رهندس پوءِڇو نه ان جدوجهد جي ڏوهه ۾ مون تي ڪيتريون ئي سختيون وڌايون وڃن هن چيو ته ظلم جي خلاف مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جي نتيجي ۾ جيڪڏهن مان الله کي پيارو ٿي ويس ته منهنجو موت منهنجي قسم جي سچائي جو ثبوت هوندو. الطاف حسين اها ڳالهه ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *