صفوران سانحي ۾ ملوث دهشتگرد اسد الرحمان سرڪاري گواهه بڻجي ويو، اهم انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صفوران سانحي ۾ ملوث گرفتار دهشتگرد اسد الرحمان ڪيس ۾ وعده معاف ٿي ويو، جڏهن ته ڏوهاري ميجسٽريٽ جي اڳيان بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ ڏوهاري مطابق ڏوهاري اعليٰ تعليم يافتا آهي ۽ هن ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ 2006ع ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ۾ شامل ٿي ويو.ٻئي پاسي اسد الرحمانکي وعده معاف گواهه بڻجڻ سبب نرم رويو اختيار ڪندي جيل موڪليو ويو، جڏهن ته پوليس رپورٽ مطابق اسد الرحمان پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث رهيو آهي. ڏوهاري جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته هو پنهنجي ڪيل عملن تي شرمسار آهي ۽ بي ڏوهي انسانن کي نقصان پهچائڻ جو کيس ڏک آهي، جڏهن ته هو قانون جي مدد ڪري پنهنجي ڏوهن جي بخشش ڪرائي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *