مني بجيٽ اسيمبلي ۾ پيش، اپوزيشن جو احتجاج، ڳوڙ، ھنگاميو، نعريبازي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه جي منظوري کان پوءِ حڪومت پاران مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو اپوزيشن ميمبرن پلي ڪارڊ ڏيکاريا ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ڊائس آڏو نعرا هنيا شگفته جماڻي ۽ حڪومت ميمبر غزاله سيفي هٿين پئجي ويون ايوان مهانگائي جو سونامي نامنظور ۽ حڪومت مخالف نعرن سان ڌڏڻ لڳو حڪومتي ميمبرن پاران جوابي نعرا هنيا ويا خميس تي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبيل جوا جلاس شروع ٿيو ته پارليماني معاملن واري صلاحڪار قومي اسيمبلي جو معمول جو اجلاس معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي اجلاس دوران جيئن ئي ناڻي واري وزير شوڪت ترين ضمني مالياتي بل 2021 ايوان ۾ پاس ٿيڻ لا3 منطور ڪيو ته اپوزيشن پاران سخت احتجاج ۽ نعرا هنيا ويا اپوزيشن ميمبرن احتجاجن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو جڏهن ته انهيءَ گوڙ شور ۾ ناڻي واري وزير فنانس سپلييمنٽري بل 2021 کان پهريان ضمني ايجنڊا تحت اسٽيٽ بئنڪ جي حوالي سان بل پڙهي ڇڏيو اسپيڪر ڊائس آڏو شگفته جماڻي ۽ غزاله سيفي پاڻ ۾ هٿين پئجي ويون ان موقعي تي ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو ان موقعي تي نويد قمر اعتراض ڪندي چيو ته ايجندي ۾ مدو ختم ٿيڻ کان پو3 آرڊيننس آندو پيو وڃي هن ايوان ۾ نيون روايتون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي بابر اعواڻ جواب ڏنو ته قومي اسيمبلي ۾ مدي کان پهريان آرڊيننس پيس ٿيندو اهي ان حواليس ان رولز مطابق ڪارروائي هلائي پئي وڃي ان دوران حڪومت پاران اليڪشن ٽين ترميم جي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ، سرڪاري پراپرٽيز تي قائم قبصا ختم ڪرڻ جي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ اٿارٽي ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو اجلاس ۾ برقي توانائي جي پيداوار ۽ تقسيم بابت آرڊينسن ۾ واڌ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ايوان ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري بابت اسٽيٽ بئنڪ ايڪت ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. بل لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو اپوزيشن ميمبرن برقي توانائي پيداوار جي حوالي سان آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ جي رٿ تي ووٽنگ کي به چئلينج ڪري ڇڏيو جنهن تي قومي اسيمبلي اسپيڪر زباني ووٽنگ بدران باقاعدي ووٽنگجو حڪم ڏنو اسپيڪر ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽڏيندڙن کي سيٽن تي اٿي بيهڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته ان تي ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽنگ کان پوءِ مخالفت ڪندڙن جي ووٽنگ ٿي ته اپوزيشن پاران صرف 3 ميمبر مخالفت ۾ اٿي بيٺا اپوزيشن ميمبرن جي گهڻائي ڳڻپ ۾ اٿي نه بيٺي حڪومت پاران بل جي حق ۾ 145 ووٽ ڏنا ويا خواجه آصف چيو ته اوهان اپوزيشن ۽ پاڪستان جي عوام جي زبان بند ڪري پاڪستان جي معاشي خودمختياري وڪرو ڪري رهيا آهيو هن چيو ته اوهان اهو آرڊيننس بحال ڪري رهيا آهيو جيڪو ختم ٿي چڪو هو جيڪو آئين جي خلاف اهي اسٽيٽ بئنڪ جو ڪنٽرول آئي ايم ايف کي ڏئي رهيا آهيو اوهان 12سئو يا 100 ارب ٽيڪس واپس وٺي استثنيٰ ڏ.ئي عوام مٿان مهانگائي جو پاڙ ڪيرائي رهيا آهيو هن چيو ته خدا جي واسطي پاڪستان جي عوام تي رحم ڪريو پاڪستان کي نه کپايو اوهان 3 سال هتي لوٽ مار جي اجازت ڏني دوائون ڪڻڪ ۽ کنڊ چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏيو ها ته هي نوان ٽِڪس لڳائڻ جي ضرورت نه پوي ها ۽ نئين بجيٽ ٺاهڻ جي ضرورت نه پوي ها خواجه آصف چيوت ه پاڪستان جي خودمختياري کي ختم نه ڪريو جيڪو ملڪ معاشي طور تي غلام ٿي ويندو آهي اهو قانوني بڻجي ويندو آهي اهو سرحدي قبصي کان وڌيڪ ظلم آهي اوهان اسان کي معاشي طور تي غلام ڪري رهيا آهيو ڇا هي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت اچي وئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ قومي اسيمبلي اسپيڪر کي چيوت ه اوهان جي رولنگ غير آئيني آهي مان ان سان اتفاق نه پيو ڪريان اوهان آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيو هن چيو ته 17 تاريخ تي 2 آرڊيننس ختم ٿيا هڪ گذريل مهيني ۽ هڪ ڪالهه ٿيو آهي هن ايوان کي مذاق نه بڻايو هن چيو ته پاڪستان جي عوام جو ڪجهه خيال ڪريو اسان جي ملڪ ۾ پهريان به 16 ڊسمبر تي قيامت آئي هئي جڏهن ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو هو اڄ پاڪستان جو معاشي سرنڊر ٿي رهيو آهي وفاقي وزير اسد عمر اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪي پنهنجي ميمبرز کي ڪرسي تي ويهاري نٿا سگهن اهي حڪومت ڇا ڪيرائيندا جيڪي مودي کي گهر گهرائيندا رهيا اهي قومي سلامتي جي ڳالهه ڪندي سٺا نٿا لڳن هي چون ٿا ته اسٽيٽ بئنڪ کي آزادي ڏني ته تباهي اچي ويندي. انهن ۾ ۽ اسان ۾ فرق آهي هي ڊينگي تي ڪم ڪن ته پاڻ ئياشتهار جاري ڪن ٿا اسان ڪرونا جي خلاف ڪم ڪيو جنهن جو اعتراف پرڏيهي ادارن ۽ دنيا ڪيو هي ماڻهو 10 سالن ۾ هڪ رپئي جي ترقياتي ڪمن جي منظوري نه ڪرائي سگهيا گذريل چئن مهينن ۾ 400 ارب جي ترقياتي منصوبن جي منظوري هن ئي ايوان ڏني اسد عمر چيو ته هي چون ٿا ته آرڊيننس ايڪسپائر ٿي چڪو آهي هي هڪ ٽيڪنيڪي نقطو آهي اپوزيشن سياستدان پاڻ ايڪسپائرزڊ ٿي چڪا آهن ڇا انهن جون تقريرون ٻڌڻ اسان تي لازم آهي دنيا ڏٺو ته جڏهن اسان جي سرحدي ڀڃڪڙِ ٿي ته اسان سندن جهاز ڪيرايو انڊين اسڪوارڊن ليڊر لي قيدي ڪيو چانه پياري ۽ ذليل ڪري ڪڍيو دنيا ڏٺو ته ڪيئن اسان ملڪيدفاع کي محفوظ ڪيو پر ان جو ليڊر ته چوندو هو ته چنڊو ڏڪن ٿيون پيپلزپارٽي جي راجا پرويز اشرف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيوت ه جهڙي نموني سان ترميمون ڪيون پيون وڃن ان سان پارليامينٽ جو تقدس پائمال ٿي رهيو آهي قانونسازي ڪنهن جماعت جي نه پر 22 ڪروڙ عوام لاءِ ڪئي پئي وڇي خواجه آصف جي بيان تي اسد عمر ڇا جواب ڏنو سڀني ٻڌو هوندو ۽ قوم مايوس به ٿي هوندي راجا پرويز اشرف چيو ته مان ڪڏهن به نٿو چاهيان ته هائوس جو ماحول خراب ٿئي پر حڪومت جو طور طريقو برداشت جوڳو نه آهي ٻڌايو وڇي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي يا نه مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪٿي ته جواب اچي ٿو اوهان جي ڪري آهي. حڪومت هر محاذ تي ناڪام ٿي چڪي آهي هي ماڻهو پاڪستان جي عوام سان جٺ ڪري رهيا آهن اپوزيشن کي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هي ستل هوندا آهن کين خبر نه هئي ته آرڊيننس ايڪسپائر ٿي ويو هي اسپيڪر جي ڪرسي کي استعمال ڪري رهيا آهن اسپيڪر صاحب کي درخواست آهي ته نيوٽرل رهي ان کان اڳ وفاقي ناڻي واري وزارت قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪيل لکت جواب ۾ چيو ته وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ 37 ارب 85 ڪروڙ دڊالر جو پرڏيهي قرض ورتو آهي قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزارت حڪومت طرفان ورتل پرڏيهي قرضن جي حوالي سان لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو ناڻي واري وزارت چيو ته وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ 37 ارب 85 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي قرض ورتو ۽ هڪ ارب ڊالر گرانٽس جي شڪل ۾ مليا جواب ۾ چيو ويو ته انهيءَ عرصي دوران 29 ارب 81 ڪروڙ ڊالر قرضن ۽ وياج واپس ڪرڻ جي مد ۾ ادا ڪيا ناڻي واري وزارت چيو ته اڳوڻي حڪومتي دور ۾ 5 سالن دوران 49 ارب 76 ڪروڙ ڊالر جا پرڏيهي قرض ورتا ويا هن وقت پاڪستان جي ذمي مجموعي مقامي ۽ پرڏيهي قرض 414 کرب رپين تائين پهچي چڪو آهي بيان مطابق سيپٽمبر 2021 تائين مجموعي مقامي قرضن جو حجم 264 کرب تائين پهچي چڪو هو ۽ پرڏيهي ڪل قرض 150 کرب رپينت ائين پهچي چڪو آهي هن کان اڳ مني بجيٽ جي منظوري لاءِ وزيراعطم جي صدارت هيٺ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ڪابينه فنانس ترميمي بل 2021 جي منطوري ڏئي ڇڏي ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق 144 شين تي ٽيڪس لڳندو جيڪي يا ته جي ايس ٽي کان مڪمل طور تي آجيون آهن يا ان تي 25 سيڪڙو کان 12 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي هاڻي انهن تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو انهن شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽِڪس لڳائڻ سان ٽيڪس اڳاڙي 352 ارب رپين کان وڌيڪ هوندي ڇو ته کوڙسارين شين تي پهريون ڀيرو ٽيڪس لڳايو ويندو ۽ ان سان حاصل ٿيندڙ ٽيڪس ڪاٿي جو ايف بي آر کي اندازو نه آهي موبائيل فون ڪالز تي انڪم ٽيڪس ريٽ 10 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ سان وڌيڪ 7 ارب حاصل ٿيندا ٿڃ پياڪ ٻارڙن لاءِ کير تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻاهران گهرايو ويندڙ ڪچي مال تي زيرو ريٽنگ ٽيڪس واپس وٺي ان تي به 70 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو جنهن سان روينيو ۾ 9 ارب رپيا اضافو ٿيندو ان مد ۾ ٽيڪس آمدني جو ڪاٿو 15 ارب لڳايو ويو اهي. ٿڃ پياڪ ٻارڙن جي شين جي مد ۾ به سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آيه ۽ انس ان به 6 ارب روينيو حاصل ٿيندو ڊيوٽي فري شاپس جي شين تي به 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي ڇو ته انهن تي پهريون ڀيرو ٽيڪس لڳايو ويو آهي تنهنڪري حاصل ٿيندڙ ٽِڪس جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي 850 سي سي کان وڌيڪ ڪارن تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو جڏهن ته امپورٽيڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي سي بي يوز تي  ٽيڪس 5 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويندو بزنس ٽو بزنس ٽريزيڪشن تي ٽيڪس به 16.9 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويندو دوائن جي ڪچي مال تي به 17 سيڪڙو جي ايس ٽِ لڳايو ويندو جنهن سان سڀ کان وڌيڪ 45 ارب رپيا ٿيدنا. 30 ارب ٻاهران گهرايل مرحلي تي حاصل ٿيندا جڏهن ته 15 ارب رپيا لوڪل سطح تي حاصل ٿيندا جڏهن ته ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ڪچو مال زيرو ريٽيڊ ئي رهندو ۽ ان تي ري فنڊ ڏنوويندو بريڊ تيار ڪندڙ بيڪرين، ريسٽورنٽ فوڊ چينز ۽ دڪانن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو جنهن سان 5 ارب رپيا حاصل ٿيندا جڏهن ته ماني، نان چپاتي شيرمال ٺاهيندڙ تندور بدستور آجا رهندا. مٺايون تيار ڪندڙ هوٽلز، ڪيٽررز، دڪانن، ريسٽورنٽس تي 7.5 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويندو جنهن سان هوٽلنگ مهانگي ٿي ويندي امپورٽيڊ سبزين تي 7 ارب رپيا ٽيڪس لڳايو ويندو. ريٽيل پئڪيجنگ ۾ وڪرو نه ٿيندڙ گاڙهن مرچن تي ٽيڪس لڳندو ملنگ انڊسٽري لاءِ اناج ۽ شين تي 5 ارب رپيا ٽِڪس لڳايو ويندو چانور ڪڻڪ ۽ ميدي جي اٽي جي مقامي سپلاءِ آجي رهندي ماچيس تي به 17 سيڪڙو جي حساب سان ٽيڪس لڳندو ڊيري پراڊڪس، ڪڪڙ جو گوشت ۽ ان جون ٻيون شيون جيڪي ڪنهن برانڊ نالي يا ٽريڊ مارڪ تحت ريٽيل پئڪيگ ۾ وڪرو ٿين ٿيون انهن تي به 17سيڪڙو ٽيڪس لڳندو برانڊ نالي تحت پيڪنگ ۾ وڪرو ٿيندڙ فليور کير تي ٽيڪس جي شڙح 10 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي ويندي جنهن سان هڪ اربر پيا روينيو ملندو ڏهي، پنير، مکڻ ديسي گيهه، کير ۽ ڪريم تي به ٽيڪس 10 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويندو ڊيري شين بابت مشينري ۽ سامان تي 5 سيڪڙو بدران هاڻي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو موبائيل فون تي مقرر شرح جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لڳايو ويندو. قدرتي آفت جي صورت ۾ ملندڙ سمورين شين جي امپورٽيڊ تي به ٽيڪس لڳايو ويندو سلائي مشينن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو زنده جانورن ۽ زنده ڪڪڙين گهرائن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. ان مان 700 ملين رپيا روينيو ملندو جڏهن ته مقامي سپلاءِ ان کان آجي رهندي. فصل تيار ڪرڻ جي اوزار ٻج، ۽ ٻوٽا لڳائڻ آبپاشي پاڻي جو نيڪال ۽ زرعي ڪيميڪل جي تياري، ڪٽائي، ٿريشنگ جو اوزار ۽ فصل کان پوءِ هينڊلنگ جي اوزار تي ٽيڪس 5 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ٿي ويندو پولٽري سيڪٽر جي مشينري تي جي ايس ٽي 7 سيڪڙو مان وڌي 17 سيڪڙو، ملٽي ميڊيا پراجيڪٽس تي 10 سيڪڙو مان وڌي 17 سيڪڙو ٿي ويندو، ليٿيم آئرن بيٽري تي ٽيڪس 12 سيڪڙو مان وڌي 17 سيڪڙو ٿي ويندي چاندي ۽ سون تي جي ايس ٽي هڪ سيڪڙو مان وڌيڪ 17 سيڪڙو ۽ جيولري آرٽيڪلز تي 17 سيڪڙو ٿي ويندو. ميڊيا رپورٽ موجب حڪومت پاڪستان سان هڪ معاهدي تحت بي ايم آر يا بجلي جي پيدار جي توسيعي منصوبن لاءِ مشينري، سامان ۽ اسپيئرز تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي به لاڳو ٿيندو جنهن سان 42 ارب رپين جي آمدني ٿيندي. موبائيل فون جي مقامي مينوفيڪچرر طرفان موبائيل فون جي تياري لاءِ پلانٽ ۽ مشينري ٻاهران گهرائن تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳندو اورسيز پاڪستانين ۽ سياحن طرفان ٻاهران گهرايو ويندڙ ذاتي ڪپڙن ۽ سامان تي به ٽيڪس لڳندو زيرو ريٽيڊ سيڪٽر مان سيلز ٽيڪس ڇوٽ مڪمل ختم ڪرڻ جو امڪان آهي. سيلز ٽِڪس 17 سيڪڙو کان گهٽوارين شين تي به 17 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مخصوص شعبن کي حاصل ٽيڪس ڇوٽ به ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي لگزري شيون ٻاهران گهرائڻ ۽ امپورٽيڊ گاڏين تي اضافي ٽِڪس لڳائڻ جي سفارش آيه ٽيڪس اڳاڙي حدف 5829 ارب رپين مان وڌائي 6 هزار هڪ ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ريفائنري اسٽيج تي لاڳو ٿيندو انک ان سواءِ حڪومت آئي ايم ايف شرط پورا ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل به قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيش ڪندي 12 جنوري کان پهريان آئي ايم ايف جي شرطن تي عمل ضروري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *