مني بجيٽ جي منظوري، شهباز شريف جي تقرير نوڪريءَ جي درخواست هوندي آهي: عمران خان

اسلام آباد: (م.ڊ) وفاقي ڪابينه مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ مني بجيٽ جي حوالي سان ڪابينه جو خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ڪابينه کي فنانس بل جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينه سفارشن سان گڏ مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن جي تصديق سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان ڪئي وئي. فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينه فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن کي هاڻ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس شروع ٿي ويو. پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ ميمبرن کي مني بجيٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ ميمبرن کي ايوان ۾ حاضري کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندو. اتحادي پارٽين جي لاءِ ايم ڪيو ايم، ق ليگ، جي ڊي اي ۽ بي اي پي جي پارلياماني اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي آهي. ذريعن موجب مني بجيٽ ۾ هڪ هزار 700 کان وڌيڪ شين مٿان ٽيڪس لڳندو. 350 ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيندي.  ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي تقرير کي نوڪري  جي درخواست قرار ڏئي ڇڏيو. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هر ٽن مهينن کانپوءِ چيو ويندو آهي ته حڪومت ڏکيائين ۾ آهي پر حڪومت ڪنهن ڏکيائي ۾ ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيو ويندو آهي ته نواز شريف اڄ اچي رهيو آهي، سڀاڻي اچي رهيو آهي، نواز شريف جڏهن سعودي عرب ويو هو، تڏهن به اهو ئي ٻڌي رهيا هئاسين جيستائين سمجهوتو نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جي تقرير نوڪري جي درخواست هوندي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *