منهنجا حوصلا بلند آهن، جلد عوام جي وچ ۾ هوندس: نواز شريف

لاهور (اين اين آءِ) شريف خاندان جي گهرڀاتين، مٽن مائٽن، دوستن، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي سندس گهرڀاتي نواز شريف جي پسند جو کاڌو آندو، حمزه شهباز، مريم نواز سميت پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن نواز شريف سان ملاقات ۾ جملي سياسي صورتحال، قانوني معاملن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ رهنمائي حاصل ڪئي، تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ سندس امڙ بيگم شميم اختر، نياڻي مريم نواز، ناٺي محمد صفدر ڀائٽي حمزه شهباز، يوسف عباس شريف، عزيز عباس سميت ويجهن مائٽن، دوستن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير، اقبال ظفر جهڳڙا، پرويز ملڪ، سليم ضيا، انجم عقيل، طارق فضل چوڌري ميان مربوب، خواجه عمران نظير سميت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن ملاقات ڪئي ۽ ان کان صحت بابت پڇاڻو ڪيو، نواز شريف جي امڙ پنهنجي پٽ جي ڊگهي ڄمار ۽ تڪليفون گهٽجڻ لاءِ دعائون ڪندي رهي، گهر ڀاتين نواز شريف جي پسند جو کاڌو آندو جيڪو سڀني ويهي کاڌو، نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته اڳواڻن پارٽي قائد کان ڪجهه معاملن تي رهنمائي ورتي، نواز شريف مهانگائي، خاص طور تي معيشت جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ ان حوالي سان اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، مريم نواز ۽ حمزه شهباز سان ملاقات ۾ به سياسي، پارٽي ۽ ڪيسن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ مردن ۽ عورتن، ڪارڪنن جي وڏي انگ نواز شريف سان ٻڌي جي اظهار لاءِ صبح ڪوٽ لکپت جيل پهتو جيڪو نواز شريف جي گهرڀاتين جي وڃڻ تائين جيل ٻاهران موجود رهيو، مريم نواز ۽ حمزه جي اچڻ تي ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪئي ۽ حمايت ۾ نعرا هنيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *