خورشيد شاهه جي مخالف ڌر اڳواڻ سان ملاقات، غليظ ٻولي خاموشي سان ٻڌي نٿا سگهون: شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اِهو نٿو ٿي سگهي ته اسان غليظ ٻولي خاموشي سان ٻڌندا رهون. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ايوان ۾ پنهنجي خيالن جوا ظهار ڪندي مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ جي وضاحت ڏيندي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪير غليظ ٻولي استعمال ڪري ۽ اسان خاموشي سان ٻڌندا رهون، حڪومتي نمائندا پنهنجي جواب ۾ جيتري به تنقيد ڪن ٻڌنداسين پر جنهن صاحب کي جواب ڏيڻو هو هن غليظ ٻولي استعمال ڪئي. شهباز شريف چيو ته اسپيڪرص احب توهان جي حڪم جي عدولي نٿو ڪري سگهان، سٺي طريقي سان ڳالهائيندا ته ٻه وکون اڳتي وڌي ڀليڪار ڪنداسين. ٻئي پاسي شهباز شريف سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي اسيمبلي اجلاس جي حڪمت عملي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *