ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 118 فوتگيون، 5300 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 118 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 5300 کان وڌيڪ نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 64685 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 5395 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 118 ڄڻا فوت ٿي ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 15872 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 7 لک 39818 تائين وڃي پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 77294 آهي. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.3 رهي. ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4740 مريض ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 46652 ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *