
ڪراچي(اسپورٽس نيوز) بهترين ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي پاڪستان ٽيم جي ڪپتان يونس خان کي الله ٻئين پٽ سان نوازيو آهي.يونس خان پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي ٻار جي تصوير شئي ڪئي ۽ ان سان گڏ الله جو شڪر به ادا ڪيو.يونس خان جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندي ئي پرستارن ۽ دوستن طرفان مبارڪباد جي ڪيترائي پيغام ملڻ لڳا آهن.مداحن يونس خان جي پٽ جي وڏي ڄمار ۽ صحت جون دعائون به ڪيون آهن