عماد وسيم جي جاءِ تي ايئن مورگن ڪراچي ڪنگز جو نئون ڪپتان مقرر

 

شارجا(اسپورٽس نيوز) عماد وسيم جي انجري سبب ميچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب ايئن مورگن ان جي جاءِ تي ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني ڪندو.تفصيل موجب عماد وسيم کي ڊاڪٽرن هڪ يا ٻه ڏينهن جي وڌيڪ آرام جو مشورو ڏنو آهي. عماد وسيم لاهور قلندرز خلاف ميچ جي 19 هين اوور ۾ سهيل خان جو ڪيچ وٺندي مٿي ڀر ڪري پيو هو جنهن کانپوءِ ان کي گرائونڊ کان اسٽريچر تي ٻاهر نيو ويو.انگلش بيٽسمين گذريل ڏينهن ڪراچي ڪنگز جي اسڪواڊ کي جوائن ڪيو هو. مورگن قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ خدمتن سبب اڃان تائين پي ايس ايل ٿري جو حصو نه بڻجي سگهيو هو جڏهن ته هاڻ هن دبئي ۾ ڪراچي ڪنگز جو اسڪواڊ جوائن ڪري ورتو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *