مشرف ٽئين اين آر او تحت پرڏيهه ويو، حڪومت شرمندگي لڪائڻ لاءِ غلط بياني پئي ڪري: چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌسماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پرويز مشرف ٽئين اين آر او تحت پرڏيهه ويو، حڪومت شرمندگي لڪائڻ لاءِ غلط بياني ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي آڏو مولابخش چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هر ڪمال کي زوال به ايندو آهي، متحده سربراهه چوندو هو ته مصطفيٰ ڪمال جهڙو نه ميئر آيو آهي نه ايندو. مولابخش چانڊيو چوڌري نثار سان مخاطب ٿيندي چيو ته چوڌري صاحب سڀ کان پهريون اين آر او اوهان جي حڪومت ڪيو هو، انڪري وفاقي حڪومت کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته پرويز مشرف کي اجازت ڏئي کانئن غلطي ٿي آهي. مولابخش چانڊيو سوال جي جواب ۾ چيو ته ايان علي جي ڏوهه جي نوعيت پرويز مشرف جي ڏوهن کان وڌيڪ نه آهي، نه ئي کيس ايان علي سان ڪا دلچسپي آهي، ان بابت ذڪر ڀوڳ ۾ ئي ڪندو آهيان. مولابخش چانڊيو چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب اپوزيشن متحد ٿي رهي آهي ۽ مستقل ۾ وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *