
ممبئي:ڀارتي اداڪارا ڪترينا ڪيف چيو آهي ته هو پنهنجي ڪيريئر ۾ اهڙي درجي تي اچي وئي آهيان جتي ڪردارن جي حوالي سان خطرا ٿي سگهن ٿا.ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪترينا ڪيف چيو ته هاڻي مختلف قسم جو ڪردار ڪرڻ جي خواهش رکان ٿي.سندس چوڻ هو ته مون پنهنجي سُٺي ۽ خراب ٻنهي طرح جي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي،هاڻي مونکي جيڪڏهن ڪنهن مختلف ڪردار جي پيشڪش ڪئي وئي ته بنا رنڊڪ جي انهيءَ ڪردار کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪنديس.