بورڊ اختيارين جي دٻاءُ سبب ٽي ٽوئنٽي فارميٽ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو:مصباح الحق

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته مان اڃان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي خواهش رکان پيو،پر ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين جي دٻاءُ سبب ٽي ٽوئنٽي کي الوداع ڪرڻو پيو،پي سي بي اختيارين جو موقف هيو ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ نون رانديگرن کي موقعو ملڻ گهرجي حقيقت ۾ جيتسائين رانديگر جي ڪارڪردگيءِ سُٺي آهي ۽ راند کيڏڻ لاءِ فٽ آهي ته عمر جي ڪا به حد ناهي هوندي.پاڪستان سپر ليگ جي ڪامياب ٽيم (اسلام آباد يونائيٽيڊ)جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جي ڪاميابي سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي وڏو فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *