مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه بجيٽ کي امير جو بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه مالي سال 16-2015 جي بجيٽ کي امير جو بجيٽ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته قوم کي بجيٽ تقرير مان مايوسي ٿي آهي. پارليامينٽ ۾ پنهنجي چيمبر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته بجيٽ تقرير ۾ حڪومت ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي وئي آهي. سڄي تقرير ۾ رڳو ٽيڪس وڌائڻ جي ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي. هن چيو ته آئي ايم جي شرطن تي بجيٽ پيس ڪئي وئي جهازن جا پرزا سستا ڪرڻ سان عام ماڻهو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو. هي بجيٽ امير طبقي جو آهي غريبن لاءِ بجيٽ ۾ ڪجهه به ناهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *