ماڌوري جي پهرين ويب سيريز جي رليز تاريخ جو اعلان

ممبئي (شوبز نيوز)اداڪارا ماڌوري دڪشت جي پهرين ويب سيريز ”دي فيم گرل“ جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ان بابت ماڌوري پاڻ ويب سيريز جو پوسٽر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي.”دي فيم گيم“ سيريز جو پريميئر نيٽ فليڪس تي 25 فيبروري تي ٿيندو.ڪرشما ڪوهلي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل ان سيريز ۾ ماڌوري کانسواءِ سنجي ڪپور، مانول ڪول، لڪسوير سرن، سوهانسي مولي، مسڪان جعفري جهڙا اداڪار به نظر ايندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *