اپوزيشن ليڊرڪرپٽ ماڻهو نٿو ٿي سگهي، ڇا پي اي سي ڪرپشن تي خاموش رهندي؟ عاليه حمزه جو پي اي سي چيئرمين کي خط

اسلام آباد (م.ڊ) شهباز شريف خاندان جي ملازمن جي اڪائونٽن مان اربين رپين جي ٽرانزيڪشن واري مامري تي پارلياماني سيڪريٽري عاليه حمزه چيئرمين پي اي سي کي خط لکي شهباز شريف خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عاليه حمزا خط ۾ چيو آهي ته شهباز شريف کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جو ڪو به جواز ناهي، اپوزيشن ليڊر ڪرپٽ ماڻهو نٿو ٿي سگهي، ڇا پي اي سي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ڪرپشن تي خاموش رهندي، عالي حمزه خط ۾ چيو آهي ته پي اي سي شهباز شريف فيملي ملازمن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپين جي منتقلي جو نوٽيس وٺي، شريف فيملي جي ملامن جي اڪائونٽس مان اربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ملازمن جي اڪائونٽن مان ڪروڙين رپيا پگهارن سميت شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا، ايف آءِ اي شريف خاندان جي 14 ملازمن جا 28 بي نامي اڪائونٽس ڳوليا اهن، خط ۾ چيو ويو آهي هت ڇا پي اي سي جو ڪم سرڪاري آفيسرن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ ناهي؟ ، شهباز شريف جواب ڏيئي ته ماهوار هزارين رپيا ڪمائيندڙ ملازمن جي اڪائونٽن ۾ ڪروڙين رپيا ڪٿان آيا، خط ۾ چيو ويو آهي هت ملازمن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ به سندن اڪائونٽن مان رقم شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي اڪائونٽس ۾ ايندي رهي، ڇا پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اپوزيشن ليڊر جي هن وڏي ڪرپشن تي خاموش رهندي؟، عاليه حمزه سوال ڪيو ته ڇا شهباز شريف جو اپوزيشن ليڊر رهڻ جو ڪو اخلاقي جواز آهي؟ مان مطالبو ڪريان ٿي ته پي اي سي شهباز شريف جو احتساب ڪري، عاليه حمزه ملازمن جي پگهارن ۽ اڪائونٽس مان موڪليل رقم جا تفصيل به جاري ڪري ڇڏيا، ملڪ مقصود جي پگهار 25 هزار، اڪائونٽ ۾ 3.74 ارب رپيا جمع ٿيا، محمد اسلم ڪيشئر جي پگهار 10 هزار 1.781 ارب رپيا جمع ٿيا، اظهر عباس ڪلارڪ جي پگهار 9 هزارهئي پر هن جي اڪائونٽ ۾ 1 ارب 67 ڪروڙ رپيا رکيا ويا، غلام شبير قريشي اسٽور ڪيپر جي پگهار 1600، 1.545 ارب رپيا رکيا ويا، خضرحيات نظر اسسٽنٽ جي ماهوار پگهار 21 هزار 5 سئو 1.425 ارب رپيا جڏهن ته گلزار احمد چپراسي جي ماهوار پگهار 12 هزار 8 سئو هئي  جنهن جي اڪائونٽ ۾  1.2 بلين رپيا جمع ڪئي وئي، اقرار حسين ڪلارڪ جي پگهار 13 هزار 1 ارب 186 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا، ايم انور اسسٽنٽ 15 هزار پگھار، 88.3 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا، ايم ياسين گودام جي ڪلارڪ جي پگهار 31 هزار، 71 ڪروڙ 50 لک رپيا جمع ڪرايا ويا، توقير الدين اسلم جي ملازمن جي پگهار 21 هزار 48 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا، ظفر اقبال انجم اسسٽنٽ جي پگهار 14 هزار ۽ هن جي اڪائونٽ ۾ 52 ڪروڙ 50 لک رپيا رکيا ويا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *