ليونل ميسي ست سال کانپوءِ قانوني جنگ کٽي ورتي

 

برسلز(اسپورٽس نيوز)  ارجنٽائن ۽ بارسلونا جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي 7 سالن کانپوءِ سائيڪل ساز ڪمپني کان ٽريڊ مارڪ ڪيس کٽي قانوني جنگ ۾ سرخرو ٿي ويو آحي جنهن سان هو هاڻ پنهنجو نالو ٽريڊ مارڪ طور استعمال ڪري سگهي ٿو.اسٽار اسٽرائيڪر پنهنجو نالو ٽريڊ مارڪ طور استعمال ڪرڻ جو حق حاصل ڪري ورتو، هاڻ هو ان کي رجسٽر ڪرائي استعمال ڪري سگهندو.مشهور فٽ بالر ليونل ميسي 2011ع ۾ اسپورٽس شين جي وڪري لاءِ پنهنجو نالو ٽريڊ مارڪ طور رجسٽر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.پر هڪ سائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني ان تي اعتراض ڪري ڇڏيو ته ان جو نالو به ميسي آهي ۽ فٽبالر ان نالي کي ٽريڊمارڪ نه ٿو بڻجي سگهي.فٽبال اسٽار 7 سالن کانپوءِ سائيڪل ساز ڪمپين کان قانوني جنگ کٽي ورتي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *