رافيل نڊال يارهون ڀيرو بارسلونا اوپن چيمپيئن بڻجي ويو

 

بارسلونا(اسپورٽس نيوز) زميني رنگ جي ڪورٽ جو بادشاهه رافيل نڊال يونان جي 19 ورهين جي اسٽيفانو کي فائنل ۾ آئوٽ ڪلاس ڪري يارهون ڀيرو بارسلونا اوپن چيمپيئن بڻجي ويو.عالمي نمبر هڪ ٽينس اسٽار لڳاتار ڇائيتاليهين ڪلي ڪورٽ ميچ اسٽريٽ سيٽ ۾ کٽي.فائنل ۾ رافيل نڊال يونان جي 19 ورهين جي اسٽيفانو جي حران ڪندڙ اڳڀرائي جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ اسٽيفانو کي 6-2 ۽ 6-1 سان آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو.عالمي نمبر هڪ رانديگر بارسلونا اوپن ٽائٽل رڪارڊ يارهون ڀيرو حاصل ڪيو، هو گذريل هفتي مونٽي ڪارلو ماسٽرز به يارهون ڀيرو کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *