قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگليڊ کي ٽنهي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ دنيا جي بيٽسمينن لاءِ دهشت جي علامت بڻيل راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ سال جي آڪٽوبر مهيني پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم متحدهه عرب عمارات ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ،ون ڊي ،۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم فيوريٽ آهي انگلينڊ کي اڳ ۾ به وائيٽ واش ڪيو آهي ۽ هاڻي به وائيٽ واش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي منهن ڏيڻ لاءِ انگلينڊ کي اسپن بالرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي،پنهجي 14سالن جي ڪيرئير ۾ 400  کان مٿي وڪيٽون وٺندڙ دنييا جي تيز ترين فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته پاڪستان ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بهترين کيڏي رهي آهي منهجي خواهش آهي ته پاڪستاني فاسٽ بالر سونگ ڪن و۽ پنهجي راند بهتر انداز ۾ پيش ڪن ياد رهي ته سال 2009 ۾ سريلنڪن ٽيم مٿان لاهور ۾ ٿيو هيو جنهن سبب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهجون ميزباني واريون ميچون دبئي ۾ پيو کيڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *