نانا پاٽيڪر جلد پروڊڪشن هائوس کولي سنجيده فلمون ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر چيو آهي ته پروڊڪشن ۾ مرضي جو ڪم ڪندس، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان جلد هڪ پروڊڪشن هائوس شروع ڪندس، جنهن جا انتظام منهنجي پٽ جي حوالي هوندا، هن چيو ته اهڙيون ڪيتريون ئي فلمون آهن جيڪي مان ٺاهڻ چاهيان ٿو ، بالي ووڊ اداڪار چيو ته مان وڌيڪ سنجيده فلمون ٺاهيندس، اهو ضروري نه آهي ته مان پنهنجي پروڊڪشن هائوس جي تيار ڪيل هر فلم جو حصو هجان، مان ضرورت مطابق اداڪاري ڪندس، هن چيو ته مان اداڪاري جي شعبي کان ڌار ناهيان ٿيو، مستقبل ۾ به اداڪاري ڪندو رهندس، نانا پاٽيڪر  چيو ته هدايتڪار جي حيثيت سان هڪ بائيو گرافڪ فلم ٺاهي رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *