غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو، قوم انصاف جي نظام ڏانهن پئي نھاري: شھباز

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته نوازشريف مريم نواز کي سياسي عمل کان ٻاهر رکڻ لاءِ اسڪيم ٺاهي وئي. قومي انصاف جي منتظر آهي. ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ شهبازشريف چيو ته هن اسڪيم جو پتو اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ڪلب سان پوي ٿو شهبازشريف چيو ته وقت اچي ويو اهي ته غلطين کي ٺيڪ ڪيو وڃي قوم انصاف جي منتظر آهي ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان ڳنڍيل نئين مبينه آڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ ثاقب نثار مبينه طور تي چئي رهيو آهي ته عمران خان جي جڳهه بنائڻ لاءِ نوازشريف کي سزا ڏيڻي پوندي آڊيو ٽيم ۾ مبينه طور تي تسليم ڪري رهيو آهي ته مريم نواز کي سزا ڏيڻي پوندي جيتوڻيڪ مريم نواز جي خلاف ڪوئي ڪيس نه آهي ٻئي پاسي اڳوڻي چيف جسٽس تڪراري آڊيو ليڪ کي منگهڙت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل تي پنهنجي ردعمل ۾ اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته هن اڃا هاڻي آڊيو ٻڌي آهي ۽ هي سندس آواز نه آهي آڊيو آچر جي رات امريڪا ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم فيڪٽ فوڪس جاري ڪئي ۽ ان جي رپورٽ صحافي احمد نوراني ڏني جنهن جي دعويٰ آهي ته آڊيو جي فارنزڪ جاچ ڪئي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *