ڪراچي جو ايندڙ ميئر جيالو ھوندو، ڪراچي جي ترقي لاءِ لسانيت جو بت ڀڃڻو پوندو: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ ڪراچي جي صدر ۽ سڌسماءَواري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته گڏ ٿي شهر جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو ڪراچي جي ترقي لاءِ اسان کي لسانيت جو بت ٽوڙڻو پوندو لسانيت ڪراچي شهر کي تباهه ۽ برباد ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ کان جدا ڪري ڇڏيو لساني بنياد تي سياست ڪندڙن قبرستانن کي آباد ۽ ڪراچي کي برباد ڪيو ۽ عوام کي مسئلن ۾ رکي پنهنجو سياسي دڪان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪراچي شهر مني پاڪستان آهي هتي آباد هر ماڻهو امن ۽ محبت چاهي ٿو. بدامني ۽ لساني بنيادن تي نفرت سان شهر ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ اسان جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا پيپلزپارٽي عوام جي جماعت ۽ وفاق جي علامت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير سعودآباد ۾ پ پ ضلعي ڪورنگي تحت ڪوٺايل هڪ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪستان تحريڪ انصاف، پاڪ سرزمين پارٽي سميت مختلف سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ مردن ۽ عورتن ڪارڪنن ۽ ذميوارن پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو عام جلسي کي جاويد ناگوري، مرزا مقبول احمد، محمد آصف خان، شاهده رحماني، جاويد شيخ ۽ ٻين به خطاب ڪيو سعيد غني پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سياسي ڪارڪنن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اهي منظم ۽ متحد ٿي پيپلزپارٽي جو پيغام عوام تائين پهچائين سعيد غني چيو ته ڪراچي جو ايندڙ ميئر بلاول ڀٽو چيئرمين جو چونڊيل پيپلزپارٽي جو جيالو هوندو ۽ اهوبلاول ڀٽو جي ويزن تي عمل ڪندي ڪراچي کي دنيا جو عظيمشهر بڻائيندو ۽ هتي رهندڙ هر ماڻهو خوسحال ٿيندو هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه ڪراچي کي ترقي ڏيڻ ۽ هتان جي عوام کي خوشحال رکڻ لاءِ قدم کنيا آهن اڄ به الحمدالله پ پ چيئرمين جي ويزن تي عمل ڪندي ڪراچي ۾ ترقي ۽ عوامي فلاح لاءِ ميگا منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي. پارٽي اڳواڻن ۽ ٻين پ پ ۾ شامل ٿيندڙ سياسي ڪارڪنن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ عوام کي درخواست ڪئي ته هو ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پيپلزپارٽي سان گڏ هلن. ايندڙ مڪاني ۽ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان پيپلزپارٽي جي نمائندن کي پنهنجي ووٽن سان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *