عمران خان وزيرن کان فوري طور استعيفيٰ وٺي، ساهيوال واقعو سڀني سامهون آهي ڪميٽي ٺاهڻ جو ڪو جواز ناهي: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ساهيوال واقعو افسوس جوڳو آهي، سموريون شيون سامهون آهن جنهن تي ڪميٽي ٺاهڻ جو ڪو به جواز ناهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ساهيوال واقعي تي افسوس جوڳا بيان ڏنا، وزيراعظم عمران خان وزيرن کان فوري طور استعيفيٰ وٺي. هن چيو ته ڇا ٻار به دهشتگرد ٿي سگهن ٿا.  سندس چوڻ هو ته فوجي عدالتون پهريون وقت جي ضرورت هيون هاڻي ملڪ ۾ مضبوط عدالتي نظام موجود آهي، موجوده حالتن ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي ضرورت ناهي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ دهشتگردي سبب پ پ فوجي عدالتن قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي، ملڪ ۾ امن امان به قائم ٿي ويو آهي، حڪومت به طاقتور آهي جڏهن ته عدالتن مان وڏا وڏا فيصلا ٿي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *