ساهيوال مبينا مقابلي جو ڪيس، سي ٽي ڊي ٿاڻي لاهور ۾ به داخل، سي ٽي ڊي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ٽن اهلڪارن جو نالو به ڏنو ويو

لاهور (اين اين آءِ) ساهيوال ۾ مبينا مقابلي جو ڪيس ڪائونٽر ٽِيرازم ڊپارٽمينٽ لاهور ٿاڻي ۾ به داخل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ٽن اهلڪارن جو نالو به ڏنو ويو آهي جيڪي آپريشن ۾ شريڪ ٿيا. سي ٽي ڊي جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر موجب ڪارروائي ۾ ڪارپورول، محسن، رمضان ۽ حسنين اڪبر شريڪ ٿيا ڪيس 324/302، 353 ۽ دهشتگردي سميت ٻيا قلم داخل ڪيا ويا آهن سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اطلاع مليو هو ته پابندي پيل تنظيم سان تعلق رکندڙ اشتهاري جوابدار دهشتگرد شاهد جبار، عبدالرحمان ۽ انهن جا ٻيا ساٿي هڪ موٽر سائيڪل ۽ ڪار سوار فيملي جي ڪور ۾ ساهيوال ڏانهن وڃي رهيا آهن جنهن تي اڳواٽ ناڪابندي ڪئي وئي ۽ موٽر سائيڪل سوارن وٽ هڪ وڏو بيگ هيو ۽ ان جي پويان اڇي رنگ جي الٽو ڪار هئي جڏهن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ شروع ڪئي ۽ سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن جي آفيشلز آپريشنل ٽيڪنڪس جي ڪري محفوظ رهيا ۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ ان دوران ڪار مان به هڪ ماڻهو فائرنگ شروع ڪئي موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ سبب ڪار ۾ ويٺل ان جا پنهنجا ساٿي به نشاني ۾ اچي ويا جڏهن ڪار ۾ چيڪ ڪيو ويو ته ٻه ماڻهو هڪ عورت هڪ ٻارڙي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي چڪا هئا جڏهن ته هڪ ٻارڙو ۽ ٻارڙي زخمي هئا جن کي سرڪاري اسپتال پهچايو ويو ڪار سوارن جو سامان چيڪ ڪيو ويو ته ان ۾ ٻه آپگهاتي جيڪٽس، 8 هينڊ گرنيڊ، ٻه پستول، ۽ سوين گوليون هٿ ڪري تحويل ۾ ورتيون ويون ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي سرڪاري گاڏي تي دهشتگردن جا فائر پڻ لڳا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *