عمران خان فساد ڪرڻ چاهي ٿو، اين اي 122 تان ڪوبه ووٽ منتقل ناهي ٿيو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت فساد ڪرڻ چاهي ٿي، لاهور جي اين اي 122 تان ڪوبه ووٽ منتقل ناهي ٿيو، نادرا قومي ادارو آهي، نادرا تي اجايا الزام نه لڳايا وڃن… اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت فساد چاهي ٿي، هر ڳالهه تي فساد ڪرڻ تي ملڪي مفاد ۾ ناهي، هو پي ٽي آءِ کي چئي ٿو سياست گار گند جو نالو ناهي، تڪرار ۽ ڦڏو فساد وارو ماحول ڪنهن لاءِ بهتر ناهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته سياسي قيادت جو مقصد ڦڏو فساد ۽ گار گند ناهي هوندو، جڪيڏهن سياسي پارٽيون ائين ڪنديون پوءِ جهموريت ڪهڙي آهي، جهڙي نموني چونڊ مهم دوران زبان استعمال ڪئي وئي اها زبان سياستدان کي ٺهي نٿي.. چوڌري نثار چيو ته تحريڪ انصاف جي هر مطالبي تي عمل ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي مطالبي تي ننڍي چونڊ ۾ ڪيمرائون لڳايون ويون ۽ فوج کي مقرر ڪيو ويو، حڪومت عمران خان جي عدالتي ڪميشن جو مطالبو تسليم ڪيو، عمران خان جئين چيو ائين ئي سهولتون ڏنيون ويون پر عمران خان جي مطالبن جي به ڪا حد هجڻ گهرجي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪاش تحريڪ انصاف کي سمجهه ۾ اچي وڃي ته هار تسليم ڪرڻ وڏ پڻو هوندو آهي، هو اميد ڪري ٿو هاڻي تحريڪ انصاف پهرين تور ڪندي پوءِ ڳالهائيندي.چوڌري نثار چيو ته ننڍي چونڊ کانپوءِ ووٽن جي منتقلي بابت نادرا تي راويتي تنقيد ڪئي وئي، ڪنهن ووٽر جو ووٽ ان جي درخواست ڏيڻ تائين ڪٿي به منتقل نٿو ٿي سگهجي، نادرا جو ڪنهن جي ووٽ منتقل ڪرڻ سان ڪو به واسطو ناهي…..وفاقي گهرو وزير چيو ته اين اي 122 تي 26 آگسٽ کانپوءِ ووٽن جي ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي، نادرا پاڻمرادو ڪنهنووٽر جو ووٽ تبديل نٿي ڪري سگهي، ووٽ تبديل ڪرڻ جي درخواست نادرا نه پر اليڪشن ڪميشن قبول ڪندي آهي… هن وڌيڪ چيو ته نادرا نوازليگ جو ادارو ناهي، نادرا قومي ادارو آهي، خداجي واسطي نادرا ۽ سياست کان الڳ رکيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *