منصوبن ۾ شفافيت، قائدن ۽ ضابطن کي پهرين ترجيح ڏني وڃي: وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف ترقياتي منصوبن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منصوبن ۾ شفافيت، قائدن ۽ ضابطن کي پهرين ترجيح ڏني وڃي، چين سيڙپڪاري ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهو پاڪستان جو عظيم دوست آهي. اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، ترقي ۽ رٿابندي واري وزير احسن اقبال ۽ پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ترقي ۽ رٿابندي واري وزير احسن اقبال مختلف ترقياتي منصوبن ۾ ٿيل اڳڀرائين تي اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال چيو ته ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ سان گڏ ٽرانسميشن لائين وڇائڻ جو ڪم به جاري آهي. ان موقعي تي وزير اعظم هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن ۽ ان لاءِ وزارتن ۾ سهڪار مضبوط بڻايو وڃي. وزير اعظم چيو ته منصوبن جي معيار تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ شفافيت، قائدن ۽ ضابطن کي پهرين ترجيح ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *