عمران خان خلاف صادق ۽ امين نه هجڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو اهي ته جيستائين ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي اسان جي جنگ جاري رهندي عمران خان 2018 جي معيشت موٽائي ڏي اسان لانگ مارچ موخر ڪري ڇڏينداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته اسان ٽن سالن تائين حڪومت جي رستي ۾ ڪائي رنڊڪ ناهي وڌي ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته جيئن بعد ۾ اسان تي الزام نه اچي ته اسان حڪومت کي ڪم ناهي ڪرڻ ڏنو پر حڪومت عوام سان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سڀني جي اڳيان آهي اسان ته ملڪ جي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر حڪومت ان کي لت هڻي ڇڏي اسان جي لانگ مارچ جو مقصد ڪنهن لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ نه آهي اسان جو مقصد عمران خان کان جند ڇڏائڻ آهي سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪنهن جي خلاف عوامي رابطا مهم هلائڻ ۽ جلسا جلوس ڪرڻ وڃي رهيو آهي اسان جي ته کيس صلاح آهي ته عوام غضي ۾ آهي ان وٽ نه وڃي عمران خان ته پنهنجي ڌرڻي ۾ پارليامينٽ کي باهه لڳائڻ جون ڳالهيون ڪيون بجلي جا بل ساڙهيا پر اسان ايئن نه ڪنداسين اسان ڌاڙ گهوڙا نه ڪنداسين عمران خان قوم کي ٻڌائي ته اڄ مهانگائي ڇو آهي مان ته چوان ٿو ته عمران خان جي خلاف آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ته ان عوام کي 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو ڪوڙو واعدو ڪيو ۽ عوام کي دوکو ڏنو هو صادق ۽ امين ناهي رهيو خورشيد شاهه چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي گروي رکڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *