نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي ملڪ ۾ ڪڻڪ ججهي مقدار ۾ هجڻ تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد (اين اين آءِ) ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي ملڪ ۾ ڪڻڪ ججهي مقدار ۾ هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين قيمتن ۾ استحڪام ۽ آسان دستيابي لاءِ کنڊ جي ذخيرن کي هٿي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير صلاحڪار خاص مددگار ۽ وزارتن جي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي ناڻي واري صلاحڪار ڊويزن بريفنگ ڏيندي چيو تها جلاس ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي ۾ 1.35 سيڪڙو اضافو ٿيو ٻڌايو ويو ته 33 شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ 6 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ٻڌايو ويو ته ڪل 23 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رڪارڊ ڪيو ويو ٻڌايو ويو ته آنا 0.04 سيڪڙو، پٽاٽا 0.05 ۽ بصر 0.03 سيڪڙو سستا ٿيا ٽماٽر 0.97 چڪن 0.40 ۽ ٿوم 0.02 مهانگي ٿي ٻڌايو ويو ته دال ماش، مڱن جي دال، کنڊ ۽ ٻيون شيون سستيون ٿيون. ڪميٽي عالمي مارڪيٽ مطابق مقامي قيمتن ۾ به گهٽتائي ڪرڻ جي هدايت ڏني پڌرائي مطابق اجلاس کي ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ قيمتن جو جائزو به پيش ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *