عدالتن کي حدون ارنگهڻ جو احساس ڏياريندڙ پهريان آئين پڙهي وٺن: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، نيب ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته احتساب بيورو آئيني باڊي ناهي، حڪومت کي نيب خلاف ڪارروائي جو اختيار آهي، عدالتن کي حدون ارنگهڻ جو احساس ڏياريندڙ پهريان آئين پڙهي وٺن. چيف جسٽس، جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نيب ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻيءَ دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس سوال ڪيو ته نيب کي هر سال صدر کي رپورٽ پيش ڪرڻي آهي، ڇا ان تي عمل ٿئي پيو، نيب رپورٽ پڌر ڪئي ويندي آهي.؟ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌيو ته نيب جي قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت شروعاتي انڪوائري،  مڪمل جاچ ۽ چالان لاءِ ڌار ڌار ڊپارٽمينٽ ذريعي وڃي سگهندا. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته نيب آئيني باڊي ناهي، اهو قانوني طور ٺهيل آهي، حڪومت نيب خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته بار بار عدالتن کي احساس ڏياريو پيو وڃي ته عدالتون حدون اورانگهي رهيون آهن،لڳي ٿو ته انهن آئين ناهي پڙهيو، جيڪڏهن حڪومت ڪجهه نه ڪندي ته اسان خاموش نه ويهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *