مائينس الطاف حسين فارمولي جي ڳالهه حڪومت ناهي ڪئي: چوڌري نثار

منڊي بهاءَ الدين(م.ڊ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ هر حال ۾ کٽڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته شجاع خانزادي تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جو پتو پئجي ويو آهي، جلد کين انجام تي پهچايو ويندو، مائينس الطاف حسين فارمولي جي ڳالهه حڪومت طرفان ناهي ڪئي وئي. منڊي بهاءُ الدين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته شجاع خانزادي تي حملو ڪندڙ جوابدار نشاني تي آهن، سرڪار رڳو جاچ مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي آهي. گهرو وزير چيو ته شجاع خانزادو بهادر انسان هو ۽ سڪيورٽي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جو به پابند نه هو، پنهنجي ڳوٺ جي ماحول موجب پاڻ سان سڪيورٽي گهٽ رکندو هو. چوڌري نثار چيو ته اٽڪ واقعي کانپوءِ قوم وڌيڪ متحد ٿي وئي آهي، ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن کي هر صورت ۾ انجام تائين پهچايو ويندو. ان کان اڳ منڊي بهاءُ الدين ۾ ئي پنجاب رينجرز جي 30هين پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندَي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته پاڪستان بيشمار مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن ۾ سلامتي، امن امان ۽ دهشتگردي نمايان آهن. هـُن چيو ته پاڪستان جو دشمن ڊڄڻو ۽ بي اصولو آهي، جيڪو هڪ طرف ٺاهه جي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻئي طرف ورڪنگ بائونڊري آبادي کي نشانو بڻائي ٿو. چوڌري نثار چيو ته ڪجهه ماڻهو اسلام جَي نالي تي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ گهرن ٿا، جن جو قوم کي ڄمي مقابلو ڪرڻو آهي، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي قتل ڪندڙ ڪهڙي قسم جا مسلمان آهن. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جو هڪ دشمن ظاهر ۽ ٻيو لڪل آهي، لڪل دشمن جو مقابلو ڪرڻ ايترو آسان ناهي جيترو عام ماڻهو سمجهن ٿا. چوڌري نثار عزم ورجائيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ هارائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اها هر حال ۾ کٽڻي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *