
جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) عثمان شنواري ٽي 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ مهانگو ترين پاڪستاني بالر بڻجي ويو. هن ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽي 20 ميچ ۾ 4 اوورز ۾ 63 رنسون اسڪور ڪرايون. هن ان اعزاز ۾ هم وطن بالر فهيم اشرف کي پويان ڇڏي ڏنو جنهن 2018ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ 4 اوورز ۾ 55 رنسون اسڪور ڪرايون هيون.