گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ انٽر ڪاليجئيٽ گرلس ٿرو بال جا مقابلا

شڪارپور (اسپورٽس نيوز) سنڌ ڪاليج گيمز جي حوالي سان ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور جي ميزباني ھيٺ انٽر ڪاليجئيٽ گرلس ٿرو بال جا مقابلا ٿيا جنھن ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور، گورنمينٽ گرلس جيڪب آباد، گورنمينٽ گرل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ گرل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيمن شرڪت ڪئي. فائنل ميچ ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور جي ٽيم، گرلس ڪاليج جيڪب آباد جي ٽيم کي 4-15- ۽ 7-15 جي اسڪور تان شڪست ڏئي لاڙڪاڻو ريجن جو چيمئن جو اعزاز حاصل ڪيو. ان ۾ مھمان خاص محمد افضل شيخ، ھئا جن کٽيندڙ ۽ ھارئيندڙ ٽيمن کي ٽرافيون، ميڊل ۽ ٻيا انفرادي انعام ڏنا، جڏھن ته پرنسپال ميڊم ڪزبانو خاص مھمان کي اجرڪ ۽ گلن جو تحفو پيش ڪيو. جڏھن ته خاص مھمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته رانديون صحت مند معشاري جي نشاني آھي ۽ ان سلسلي کي جاري رکنديو ويندو. ھن چيو ته ٻار تمام بھترين محنتي ڪري رھيا آھن جن کي جس ھجي ان موقعي تي نصر الله ميمڻ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جن موجود ھئا جن سمورو پروگرام آرگنائيز ڪيو سندس کي شاندار آرگنائيزيشن ڪرڻ تي شيلڊ پيش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *