عالمي ڏهاڙا عوام جي سجاڳي لاءِ ملهايا ويندا آهن، ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(اي پي پي ) سنڌ جي اطلاعات ۽ تعليم واري سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عالمي ڏهاڙا عوام جي سجاڳيلاءِ ملهايا ويندا آهن ته جيئن ماڻهن کي انهن مان لاڀ ملي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ورلڊ هارٽ ڊي جي موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي طرفان لڳايل ڪئمپ جي افتتاح کانپوءِڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عوام جي سجاڳي لاءِ ميڊيا تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي. هن چيو ته اڳ ۾ وڏي عمر وارن ماڻهن کي بيماريون ٿينديون هيون پر هاڻي ٻارن کي به دل، بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙا مرض ٿين ٿا. هن چيو ته شگر ستن بيمارين جي ماءُ آهي. ان کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ ئي قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا سياسي اشوز تي روز بحث ڪرائي ٿي پر صحت، زراعت، صنعتن، واپار ۽ ٻين عوامي اشوز تي به بحث ڪرائي. هن چيو ته عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون موجود آهن پر اهي صحيح نموني استعمال نه ٿيون ٿين. اسپتالن جي حالتن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سول اسپتال جو ڪارڊڪ يونٽ اڃا مڪمل ناهي ٿي سگهيو، اتي عوام کي انجيوگرافي جي سهولت به ملڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت عوام لاءِ تمام گهڻيون سهولتون ڏنيون آهن ۽ اڳتي به جتي ضرورت پوندي اتي وڌيڪ سهولتون ڏينداسين. ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سينيئر صوبائي وزير چيو ته پيرپاڳارو بادشاهه ماڻهو آهي، هن سنڌ جي جن واڳن جو ذڪر ڪيو آهي انهن جا نالا کڻي ها ته بهتر هو. پر ماڻهن کي جانور چوڻ مناسب ڳالهه ناهي. باقي ڪرپشن جا جنهن تي به الزام آهن، انهن لاءِ عدالتون موجود آهن، انهن ۾ ڪيس هلي سگهن ۽ جيڪو ڏوهي هوندو انهن کي آزاد عدليه مان سزا به ملي ويندي. سنڌ ۾ تڪبندين بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته عدالتي حڪم موجب جتي به تڪبندين تي اعتراض هوندا اتي نيون تڪبنديون ٿينديون، اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي ۽ سڄي سنڌ ۾ نئين تڪبندين جو حڪم نه ڏنو ويو آهي، ان سان مڪاني چونڊن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي احتساب ڪميشن وانگر صوبائي احتساب ڪميشن ۾ به رٽائرڊ جج ۽ رٽائرڊ ڪامورا هوندا. جنهن ۾ صوبائي معاملا ايندا. ڪميشن جو بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندو جنهن کي بل ۾ ترميمون شامل ڪرڻ يا ڪٽڻ جو اختيار آهي. هن چيو ته احتساب ڪميشن ڪي پي ڪي ۾ به قائم آهي ۽ سنڌ احتساب ڪميشن ۾ به ساڳيون شيون شامل هونديون. سنڌ ۾ رينجرس جي اختيارن بابت صوبائي وزير چيو ته رينجرس کي سنڌ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ عيوض اغوا، ڀتي خوري ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اختيار ڏنا ويا آهن ۽ صوبائي حڪومت جي اجازت سان ٿيندڙ ڪاررواين کانپوءِ سنڌ مان اغوا جون وارداتون تقريبن ختم ٿي چڪيون آهن. هاڻي ڪٿان به ٻوريءَ ۾ بند لاش نه ٿا ملن، اڳ ۾ روز 15 کان 20 ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿيندا هئا. هاڻي اسانکي لاش کڻڻا نه ٿا پون. دهشتگردي ختم ٿي وئي آهي. عوام کي تحفظ جو احساس ٿيو آهي ۽ صوبائي حڪومت جي فيصلن جو سٺو نتيجو نڪتو آهي. باقي ادارن کي پنهنجون حدون نه اورانگهڻ گهرجن اهو مناسب ناهي. هن چيو ته ڪو وزير جيڪڏهن موڪل تي پرڏيهه ويندو آهي ته سندس کاتو وڏي وزير ڏانهن هليو ويندو آهي. ان لاءِ اهو چوڻ غلط آهي ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو ڪو وزير ناهي. شرجيل ميمڻ ذاتي مسئلن جي ڪري پرڏيهه ويل آهي. باقي هن تي جيڪي الزام لڳي رهيا آهن انهن جي بنياد تي سندس خلاف ڪو ڪيس سامهون نه آيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *