ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، ختم ٿيڻ جو ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگهجي: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي (بيورو) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم باجوه چيو آهي ته قبائلي علائقي خيبر ايجنسي ۾ ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي، آپريشن ضرب عضب جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا پر ان لاءِ ڪو ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگهجي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوا چيو ته  آپريشن ضرب عضب هڪ منصوبي تحت ڪاميابي سان جاري آهي ۽ پاڪ فوج ان کي جلدکان جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته آپريشن ضربعضب ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، پاڪ فوج کي گهربل حدف پورا ٿي رهيا آهن پر آپريشن مڪمل ڪرڻ جو ٽائيم نٿو ڏئي سگهجي، جيترو جلد ٿي سگهيو آپريشن کي انجام تائين پهچايو ويندو. ميجر جنرل عاصم باجوا چيو ته خيبر ايجنسي ۾ فوجي ڪارروائي گذريل سال آڪٽوبر ۾ شروع ڪئي وئي ۽ ان دوران ميڊيا کي به وڌيڪ معلومات فراهم نه ڪئي وئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته  خيبر ايجنسي ۾ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شوال جي خطرناڪ پهاڙي علائقي ۾ به ڪارروائي جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته شوال ۾ ڪارروائي دوران شروعاتي مرحلي ۾ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، شوال دهشتگردن جو ڳڙهه بڻجي چڪو هو، دهشتگردن کي ڪافي نقصان پهچايو ويو آهي. شوال کي دهشتگردن کان مڪمل  صاف بابت سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ان علائقي کي مڪمل طور تي دهشتگردن کان پاڪ ڪندي. هن چيو ته اتر وزيرستان کي دهشتگردن کان ڪليئر ڪيو ته دهشتگرد شوال ۾ جمع ٿي ويا هئا، ڪجهه ٻين طريقين سان ڪم جاري آهي، شوال ۽ دتا خيل جو سمورو علائقو صاف ڪرڻو آهي. دهشتگردن جي افغانستان فرار ٿيڻ بابت سوال جي جواب ميجر جنرل عاصم باجوا چيو ته اطلاع باوجود افغانستان ۾ دهشتگردن کي نه روڪيو ويو، جيئن ٿيڻ گهرجي ها، اهو ڪم ناهي ٿيو. آءِ ڊي پيز بابت سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هڪ جامع منصوبي تحت بي گهر ٿيلن کي واپس موڪلڻ جي عمل ۾ تيزي آندي ويندي، هن سال حڪومت به بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي آهي، کين سٺي حالت ۾ واپس موڪليو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *