صوبا ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، 18هين ترميم وفاق جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ارڙهين ترميم وفاق جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ۽ ان ترميم تحت صوبا به ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نئين مڪاني نظام سان نئين ليڊرشپ سامهون ايندي، هن نظام تحت فنڊ سڌو سنئون ڳوٺن تائين ويندا آهن، ٻاويهه هزار ڳوٺن ۾ سڌو سنئون پئسو ويندو، پراڻي نظام تحت مقامي سطح تي گهڻي ڪرپشن ٿيندي هئي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ وليج ڪائونسل جي سڌو سنئون  چونڊيون ٿينديون آهن ۽ هاڻ پنجاب ۾ پنجائيت جون سڌو سنئون چونڊيون ٿينديون، پنجاب ۾ 22 هزار پنچائيتن کي 40 ارب رپيا فنڊ ڏينداسين جڏهن ته شهرن ۾ ميئر جون چونڊون به سڌو سنئون ٿينديون، اسان جا شهر کنڊر بڻجندا پيا وڃن، اتي سهولتون ختم ٿينديون پيون وڃن ڪراچي جي حالت ڏسو، اهو ٺيڪ ٿي ئي نٿو سگهي، شهر جيستائين پنهنجو پئسو گڏ نه ڪندا تيستائين ٺيڪ نه ٿي سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *