اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي مقرري: پيپلز پارٽي پاران ڀرپور مخالفت جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي مقرري جي ڀرپور مخالفت جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ناڻي واري وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي اوچتي تبديلي سنگين مسئلو آهي، حڪومت ۾ قائداڻيون صلاحيتون ناهن، لڳي رهيو آهي اسان معاشي خود مختياري تي ٺاهه ڪري رهيا آهيون، هاڻ آءِ ايم ايف جو ناڻي وارو وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر فيصلا ڪندا، ائين نظام نه هلندو. هن چيو آءِ ايم ايف وٽ وڃي عوام لاءِ ويڙهه وڙهڻي هئي، رڳو اسان کي نه پر آءِ ايم ايف کي به پاڪستان جي ضرورت آهي، اسان کي به پرويز مشرف خزانو خالي ڪري ڏنو هو، اسان آءِ ايم ايف جي مرضي خلاف نوڪريون ڏنيون ۽ ٻيا قدم کنيا پر موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه مڃي رهي آهي، اسان پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر انهن مسئلن تي ڀرپور آواز اٿارينداسين، اسان انهن مسئلن جو مقابلو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي ملازمت جو مدو 3 سال هوندو آهي، ان کي زبردستي نٿو هٽائي سگهجي، آءِ ايم ايف ملازم کي اسٽيٽ بئنڪ گورنر بڻائڻ جي قانون ۾ گنجائش آهي؟ هوڏانهن آصف علي زرداري صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي پي اي سي چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي مقرري تي ردعمل ڏنو. چيئرمين شپ جي تبديلي توهان جي صلاح سان ٿي؟ جو جواب ڏيندي آصف زرداري چيو ته خورشيد شاهه سان ضرور ٿي هوندي، مون سان ڇو ڪندا. آءِ ايم ايف گورنر جي مقرري جي حوالي سان سوال تي جواب ڏيندي اڳوڻي صدر چيو لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف جي آفيس پاڪستان ۾ شفٽ ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف جا ماڻهو اسٽيٽ بئنڪ ۾ ويٺا هوندا ته اسان ڇا ملڪ هلائينداسين. راڻا تنوير جي حمايت بابت سوال تي آصف زرداري جو چوڻ هو ته راڻا تنوير ماڻهو ته سٺو آهي، ڏسون ٿا، پي اي سي جي چيئرمين شپ تي صلاح مشورو ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *