صدر ممنون حسين هندو ميرج بل 2017تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين وزيراعظم جي ايڊوائيز تي هندو ميرج بل 2017 جي منظوري ڏني آهي، صدر جي صحيح کانپوءِ بل کي قانوني حيثيت ملي وئي آهي ۽ اهو سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿي ويو آهي، تفصيل موجب صدر ممنون حسين وزيراعظم نواز شريف جي ايڊوائيز تي هندو ميرج بل 2017 جي منظوري ڏني، ان بل جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ هندن جي شادي خاندان، ماءُ، ٻار ۽ هندو خاندان جا حق ۽ مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، ان حوالي سان وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت هميشه پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي مساوي حق ڏيڻ تي ڌيان ڏنو آهي، هو ڪنهن ٻئي طبقي وانگر ئي محب وطن آهن، ان لاءِ اها رياست جي ذميواري آهي ته انهن کي مساوي تحفظ ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *