پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان سمورا حل طلب مسئلا پرامن ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ واري پاليسي تي قائم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسري سان سمورن حل طلب مسئلن تي امن ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي رشين فيڊريشن ۽ تاتا رستان سميت ان جي مسلم علائقن سان پراڻ لاڳاپا آهن جنهن سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي، هو جمهوريا تاتا رستان جي صدر رستم مڃي فا نووف سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو جنهن آچر تي وزيراعظم هائوس ۾ ان سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم نواز شريف پاڪستان ۽ روس ۾ خطي ۾ امن امان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مثبت ڪردار ۽ هر شعبي ۾ مضبوط لاڳاپن جي قيام جو عزم ڪيو، تاتا رستان جي صدر ۽ ان سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد کي ڀليڪار ڪندي وزيراعظم چيو ته گڏيل پراڻا لاڳاپا ان ڳالهه جو ثبوت اهن ته پاڪستان ۽ روس ۽ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، هن روز ڀريو ته پاڪستان سمورن پاڙيسرين سان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، تاتا رستان جي صدر وزيراعظم پاران ان جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي بهترين ميزباني تي ٿورا مڃيا، هن ٻڌايو ته تاتا رستان جو ڪاروباري وفد جي لاهور ۾ فائديمند ملاقاتون ٿيون آهن، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪن جي بزنس فورم تي ٻڌل جوائنٽ بزنس فورم گڏيل واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، هن چيو ته بيڪنگ هلال فوڊ، سيمينٽ جي پيداوار ۽ آٽوموٽو انڊسٽري ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جا موقعا ڳولڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *