
اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم نوازشريف جي اسلام آباد ۾ صدر ممنون حسين سان ملاقات،ترقياتي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون،وزيراعظم صدر کي حڪومت جي پاليسين ۽ مختلف رٿائن بابت ڄاڻ ڏني.صدر ۽ وزيراعظم نوازشريف پاڪ چين اقتصادي لنگهه رٿا،توانائي جي رٿائن تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن ضرب عضب جي بهتر ڪارروائين تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو.ٻنهي اڳواڻن ڪراچي سوڌو ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي،آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين تي پاڪ فوج جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته آخري دهشتگرد تائين ڪارروايون جاري رهنديون.