سياسي جماعتن کي نيب جي طريقي تي خدشا آهن، مستقبل جو لائحه عمل اتفاق راءِ سان تيار ٿيندو: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سياسي جماعتن کي نيب جي طريقي تي تحفظات آهن، مستقبل جي بل جي حڪمت عملي گڏيل صلاح سان تيار ٿيندي، تيز رفتار ترقي نه ٿيندي ته پاڪستان پوئتي رهجي ويندو، پٺاڻ ڪوٽ معاملي تي پاڪستان پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، نيشنل ايڪشن پلان ڪنهن شيءَ سان متاثر نه ٿيندو، هن چيو ته چيئرمين نيب تسليم ڪيو آهي ته قانون ۾ ڪجهه خرابيون آهن ۽ سياسي جماعتن کي نيب جي طريقي تي خدشا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته پ پ به نيب جي ڪاررواين تي خدشن جو ذڪر ڪيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم ترقي جي رستي ۾ رنڊڪن جو ذڪر ڪيو آهي، تيز رفتار ترقي نه ٿيندي ته پاڪستان پوئتي رهجي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ڪنهن شيءِ سان متاثر نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *